اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي فلسطين ۾ امدادي سرگرمين ۾ اردن جي ڪردار کي سارهايندي چيو آهي ته فلسطين ۾ امن پوري دنيا جي ذميواري آه??، عالمي برادري فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن اردن جي ??في?? ڊاڪٽر معن خريسات سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ايندڙ عام چو??ڊن، فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبند??، علائقائي سلامتي جي صورتحال، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿ??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهب، قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل گهرا لاڳاپا آهن. ملاقات ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال نه رڳو مسلمان امت پر سڄي دنيا جي مهذب قومن جي لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، فلسطين ۾ امن پوري دنيا جي ذميواري آه??، عالمي برادري فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا،ف لسطين ۾ امدادي سرگرمين ۾ اردن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي اردن جي ??في?? چيو ته غزه ۾ خوراڪ جي عدم دستيابي جي ڪري انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چو??ڊن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اردن جي ??في?? کي پاڪستان ۾ چو??ڊن طرف ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي چيو ته ايندڙ سال 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چو??ڊون ٿينديون، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چو??ڊ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چو??ڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويا آهن. هن چيو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چو??ڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اردن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چو??ڊ عمل جي ڪامياب تڪميل جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اردن ۽ پاڪستان ۾ چو??ڊ عمل جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ممڪن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اردن جي ??في?? چيو ته 10 هين گڏيل وزارتي ڪميشن جو اهم اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان فروغ ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو جڏهن ته پي ٽي وي، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ اردن جي ريڊيو، ??يل??ويزن ۽ اردن نيوز ايجنسي پيٽرا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جي وچ م تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو.