اسلام آباد – 27 – ڊس??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ”ريزيليئنٽ پاڪستان“ ڪتاب جي ليکڪه حيا فاطمه سهگل ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي پوسٽ ڪئي. ڄاڻايل ليکڪه جو اهو ڪتاب سندس مضمونن ۽ فيچرز ج?? مجموعو آهي جن??ن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ ڪتاب جو هڪ حصو مخصوص ڪيو ويو آهي جن ملڪ جي خدمت لاءِ پنهنجون زندگ??ون وقف ڪري ڇڏ??ون آهن. ڪتاب ۾ ثقافتي مسئلن، انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي.