راولپنڊي- 22 جنوري (اي پي پي) سيڪيور??ي فورسز جي پاڪ – افغان سرحد ويجهو ??وب ۾ آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري هڪ پريس رليز مطابق ??وب جي علائقي سمبازه ۾ سيڪيور??ي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. اهي دهشتگرد سيڪيور??ي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ سڌيءَ ريت ملوث هئ??. مارجي ويل دهشتگرد?? جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي دهشتگرد جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن پڻ جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيور??ي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهن.