مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪش??يري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪش??ير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي ت?? نگران وزيراعظم آزاد ڪش??ير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي ت?? نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪش??ير مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪش??يرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي ت?? آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي ت?? مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي ت?? مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ت?? پاڪستاني ۽ ڪش??يري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.