اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئ??زر??ينڊ جي صدر کي قائداعظم جي ڀاءُ بابت دستاويز تحفي ۾ ڏيڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ هن سوئ??زر??ينڊ جي صدر کي خط ۾ احمد علي جناح جي زندگي بابت دستاويزن جي ڪاپي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي خط ۾ چ??و ته احمد علي جناح جي زندگي جا تفصيل، تصويرون ۽ ??ار??خ جو مجموعو زيورخ سٽي آرڪائيوز جي ملڪيت ۾ آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي ??ار??خي حيثيت ۽ اهميت جي ڏس ۾ دستاويزن تائين پهچ پاڪستاني عوام جي لاءِ قومي اهميت رکندڙ آهي. خط ۾ سندس چوڻ هو ته خاتون اول ثمينه علوي جنوري 2024ع ۾ زيورخ آرڪائيوز جو دورو ڪيو، خاتون دستاويز پڙهڻ کانپوءِ معاملي ۾ دلچسپي ورتي. سوئ??زر??ي??ڊ کي درخواست آهي ته دستاويزن جو مجموعو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان کي تحفي طور فراهم ڪيو وڃي.