اسلام آب??د-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چون??جڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چون??جڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ??اءِ محنت ڪنديون.