ڪراچي – 12 – مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي ص??ر رجب طيب اردوان صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي ص??ر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ص??رن ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??يوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر پاران ٽيليفون ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي عوام کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ص??ر جلد ئي ص??ر رجب طيب اردوان کي پاڪستان گهرائڻ ج?? خواهش جو اظهار پ?? ڪيو.