اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلام آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سي??ٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب ايراني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ نوجوان ??سل جي حمايت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان ??وقعي تي فلسطيني عوام خاص ط??ر تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.