اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا پهاڙين تي لڳل باهه کي جلد اجهائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي مارگلا جي پهاڙين تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز کي باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، باهه تي جلد ک??ن جلد ضابطو يق??ني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه به يق??ني بڻائي وڃي ته باهه سان ڪنهن انساني جان کي نقصان نه پهچي، جيتري قدر ٿي سگهي جهنگلي جيوت جو تحفظ پڻ يق??ني بڻايو وڃي.