اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي تڪبير ڏهاڙي کي سرڪ??ري موڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهندي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏي??ري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته تڪبير ڏهاڙو پاڪستاني قوم جي ملڪ جي دفاع کي فت?? نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ اتحاد جي ياد ڏي??ري ٿو، اڄ جي ڏينهن پوري قوم هن ملڪ جي سالميت جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول ڪري ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏي??ري ٿو، تڪبير ڏهاڙو ٻاهرئين دشمنن سان گڏوگڏ اهڙن اندروني دشمنن، جيڪي ملڪ ۾ انتشار جي سياست سان هن ملڪ کي خطري ۾ وجهڻ چاهين ٿا، انهن جي ناپاڪ ارادن کي سدائين ناڪام بڻائڻ جي وچن جي تجديد جو ڏينهن آ??ي. هن چيو ته 28 مئي تڪبير ڏهاڙو ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي پاڪستان جي دفاع کي فت?? نه ٿيڻ جوڳو بنائڻ جي قدم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آ??ي، ان ڏينهن اسان ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ان کي ج??ري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سائنسدانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان ڏينهن اهو وچن ڪري ٿي ته 28 مئي تي جهڙي طرح هن ملڪ جي دفاع کي فت?? نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ، ائين ئي اسان ڏينهن رات محنت سان هن ملڪ جي اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان اهو وچن ڪريون ته نه رڳو ٻاهرئين دشمنن پر پاڪستان ۾ موجود 9 مئي جهڙن واقعن سان انتشار جي خواهشمند عنصرن جي شرپسندي کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان گڏوگڏ ڏينهن رات محنت سان ناڪام بڻائينداسين.