اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني ج?? سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي گهري اطمينان جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم ??نه?? ملڪن جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيراعظم ايندڙ ٽن سالن ۾ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني ج?? سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي ج?? حمايت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ مستقل امن جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ترڪ صدر کي هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ??نه?? اڳواڻن ??نه?? ملڪن جي قومي دلچسپي ج?? معاملن تي هڪ ٻئي ج?? ڀرپور حمايت جي عزم جو ا??هار ڪيو.