تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمه??ري?? ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلامي جمه??ري?? ايران جي سپريم ليڊر آيت ال??ه سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ س??دس ساراهه ج??ڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه ج?? گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمه??ري?? ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمه??ري?? ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.