اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن م??حد?? قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ م??حد?? قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سح??ق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي م??املن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته م??حد?? قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪرا??ي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي ??عي??ت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي م??ئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ مالي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم م??حد?? قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.