اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف قومي اسيمبلي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ان دوران حڪومتي اتحاد ۾ ??ام?? پارٽين جي ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران ايوان ۾ موجود رهيو، ان دوران وزيراعظم سان اتحادي پارٽين جي ميمبرن پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪجهه دير مشاورت ۾ شريڪ رهيو. ايوان ۾ مسلم ??يگ (ن) جون عورتون وزيراعظم سان گڏ تصويرون ڪڍرائينديون رهيون. مسلم ??يگ (ن) جي ميمبرن خرم شه??اد نواز، بلال اظهر ڪياني، شيخ آفتاب احمد، عورت ميمبرن طاهره اورنگزي??، شائسته پرويز ملڪ، نزهت صادق، پيپلزپارٽي جي ميمبر شگفته جماڻي، اعجاز جکراڻي، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. بلوچستان چونڊيل ميمبرن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايوان مان ويندي استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبر عليم خان سان هٿ پڻ ملايو.