اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ ي??ييٰ خان بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفا??يت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ت?? اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ت??جيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لا??ِ عملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لا??ِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن لا??ِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.