ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ ??و اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ڪشمي?? جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ڪشمي?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شه??د ڪيو ويو. ڄمون ڪشمي?? جي خاص حيثيت کي ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين جي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وا??و حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي ??و اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.