اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي کانپوءِ پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي درخواست ڏيندڙن جي سهولت لاءِ 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن کان ڪوريئر ڪمپنين ذريعي اپاسٽيل سروس فراهم ڪري رهي آهي. پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ پشاور ۾ پرڏيهي وزارت جي لائز ان آفيس 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي دستا??يز وصول ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم جي هڪ حصي جي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواست ڏيندڙن کان دستا??يز جمع ڪنديون، جنهن بعد پرڏيهي وزارت طرفان تصديق ڪئي ويندي. پشاور ۾ پوسٽل تصديق لاءِ دستا??يز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ?? ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، گيريز، ليپر?? ۽ ??ي سي ايس شامل آهن. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڪوريئر ڪمپينون پاور آف اٽرني کانسواءِ سمورا دستا??يز قبول ڪرڻ جون مجاز آهي.