اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پا??ست??ني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پا??ست??ن زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيرا??ظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پا??ست??ن جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزيرا??ظم ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي ??ڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ارشد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پا??ست??ني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17