اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصاد?? ۽ ??يڙپڪ??ري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سم??رن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپ??ري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرد??ري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مي??وفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.