اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جو پختو عهد ڪيو آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن، هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچ??ءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مق??ر ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جي يونين ڪائونسل سي ٽي آر -5 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. دوري جي موقعي تي هن جا??ي پوليو مهم جو جائزو ورتو ۽ پوليو ورڪرز سان ملاقات ڪندي سندن ڪاوشن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته 115 ضلعن ۾ جا??ي پوليو مهم جو ٽيون ڏينهن آهي. پوليو مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچ??ءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مق??ر ڪيو ويو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پوليو مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچ??ءَ جا ڦڙا پيارين.