اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوال?? سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظ??م کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪ??ائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوال?? سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوال?? سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوال?? سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظ??م کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوال?? سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظ??م کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوال?? سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪ??ائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪوم?? جو اي پروڪيورمينٽ جي حوال?? سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيورمينٽ جي حوال?? سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪ??مير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.