اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاق?? گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاق?? گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ??ري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.