راولپنڊي – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سرب??اه?? جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سرب??اه?? سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان ??اء?? غير متزلزل حمايت تي سندس ٿورو م??يو. آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي وڌيڪ خاطري ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيل اميد ڏياريندڙ نتيجن بابت اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪ-سعودي جٽادار ۽ ڀائراڻن ??اڳ??پن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب ??اء?? تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو.