راولپنڊي – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??رب??اهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪ فوج ڪنهن به چئلينج، مهم جوئي يا جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ پرعزم آهي، هو جي ايڇ ??يو ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي رابطن جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪ فوج جي ??رب??اهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ??يو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جيوا??ٽر??ٽجڪ?? قومي سلامتي صورتحال ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، فورم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي دوران والاريل ڪشمير ۾ گهيراءُ، ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي بي نقاب ڪرڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي موثر انداز سان اجاگر ڪرڻ جي عمل کي ساراهيو.