اسلام آباد – 03 ڊس??بر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وراثت جي حق جي منتقلي ۽ قانوني وارثن جي تعين جي لاءِ 6 ڊس??بر کان ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سَڪسيشن سر??يفڪيٽس آرڊيننس 2019ع لاڳو ڪرڻ، اسلام آباد جي مئجسٽريٽ ججن جي عدالتن کي جووينائل ڪورٽس (ٻارن جي ڪيسن کي ٻڌن??ڙ عدالتون) نامزد ڪرڻ، انفورسمينٽ آف وومينز پراپرٽي رائيٽس آرڊيننس 2019ع ۾ ترميم، پاڪستان ??يڪ??ورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ ??يڪ??ورٽي پيپرز لميٽيڊ ڪراچي جي سمورن عهدن تي پاڪستان ايسيشنل سر??سز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ، ڄمون اينڊ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي جي مالي سال 20 – 2019ع جي بجيٽ، واپڊا واٽر اينڊ پاور جي ميمبرن ۽ نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.