اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (??ي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏ??ل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئ??زر??ينڊ جي حڪومت ??ي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ??ي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.