اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليام??نٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، قومي مفاد تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مفاد ا??ان سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قوم جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀني جي ذميداري آهي، ج??هن کي يقيني بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ قانونسازي جي حوالي سان مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته معاملا خير خوبي سان حل ٿي ويندا، راڻا ثناءُ الله کي بي گناهي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن جي ذهنن ۾ ابهام آهي، نجي ٽي وي چئنل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪيس مڪمل طور تي واضح آهي اهو ڪريڊٽ اي اين ايف جو ڏا??هن وڃي ٿو ج??هن جرئت ۽ بهادري سان طاقتور مافيا تي هٿ وڌو آهي.