اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏيندي مختلف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ لک 29 هزار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع ??ي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪر??، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪر??، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪر?? جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحاف??ن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مختلف وزارتن پاران عوامي ڀ??ائ?? جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.