اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي شڪل ۾ ??وم کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??سان کي پاڪستان قائم ڪرڻ واري جذبي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبن کي جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن ڏنو ويو پر ان جو مطلب زبردستي عوام کي گ??رن تائين محدود ڪرڻ نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي ??وم کي خطاب کانپوءِ مختلف سياسي اڳواڻن، سماجي ليڊرشپ ۽ ميڊيا جي تجزيه ڪارن جي جيڪا راءِ ??امهون آئي آهي ان ۾ اڪثريت جي سوچ ۽ بيانيو هو ته پاڪستان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻ گهرجي.