اسلام آب??د – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پ??لي??ي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي م??لي??تي مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪو??يڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ??لو??ي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.