لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ??ڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي ??يل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي ??وجوده حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي ??زيراعظم جا ??ور?? مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي ??و وزيراعظم جا ??ور??ئتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ به??ولپور ۾ ممڪن ٿيندو.