اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي سومر ڏينهن آگاهه ڪيو ويو ته مئي کانپوءِ پهريون ڀيرو وينٽيليٽرز تي ڪورونا جي مريضن جو تعداد 100 کان گهٽ ٿي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ترقياتي ۽ منصوبابندي واري وف??قي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مح??م الحرام جي حوالي سان منصوبن ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزين بابت شڪايتن ۽ تعليمي ادارن جي ٻي??ر کولڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم مح??م جي سرگرمين دوران بيماري جي پکڙجڻ جي اثرن جو جائزو ورتو ۽ صوبائي حڪومتن جي ذريعي نافذ مح??م جي انتظامي منصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.