اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا، رستن تي نڪري عمران خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ??واب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر جو مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ان لاءِ مخالف ڌر کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ فيفٽ جي حوالي سان قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ لاءِ منٿن جو ??ستو اختيار ڪيو، اهي ماڻهو ڀارت جو ??يجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پاڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريون کڻندڙن کان پڇان ٿو ته ??ون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي بالادستي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قائد??عظ?? جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن انصاف لائ??ز فورم جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.