ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان وڏو چئلينج متاثرن کي موذي مرضن کان بچائڻ آهي: وفاقي وزير شاهزين بگٽي

image
APP20-101022 QUETTA: October 10 -Federal Minister For Narcotics Control, Nawabzada Shazain Bugti addressing the flood relief assistance during handing over ceremony at WHO Head Office.APP

اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) منشيات جي روڪٿام بابت وفاقي وزير شاهزين بگٽي چيو آهي، ته ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان وڏو چئلينج متاثرن کي موذي مرض کان بچائڻ آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڀئي گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، صحت جي عالمي اداري طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي فراهمي تعريف جوڳي آهي، سهڪار تي عالمي برادري ۽ صحت جي عالمي اداري جا شڪر گذار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري جي اسلام آباد ۾ واقع ڪنٽري آفيس ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻوڏ سٽيلن لاءِ امدادي سامان جي پاڪستاني عملدارن کي حوالگي لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ صحت جي عالمي اداري طرفان ضروري دوائون پاڪستان حوالي ڪيون ويون.

مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا