ملڪ ۾ شهري ماحولياتي قدم ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ متبادل توانائي جا ذريعا متعارف ڪرائي رهيا آهيون: رومينه خورشيد عالم

image

اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ شهري ماحولياتي قدم ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ متبادل توانائي جا ذريعا متعارف ڪرائڻ لاءِ ڊونرز سان وڏين بئنڪن کي شامل ڪري جاري منصوبن لاءِ وسيلن کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. فعال مواصلات ۽ رابطاڪاري کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم جي خاص مددگار هڪ ڊيش بورڊ قائم ڪرڻ تي زور ڀريو جيڪو وزيراعظم جي آفيس سان به ڳنڍيل هوندو ته جيئن اڳڀرائي جو جائزو ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي، جنهن جو مقصد منصوبن جي تيز رفتار ٽريڪنگ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. فضائي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت ۽ يو اين ڊي پي جي تعاون سان مونٽريال پروٽوڪول پراجيڪٽ کي سڄي ملڪ ۾ شروع ڪري رهي آهي جيڪو اوزون ۽ هائيڊرو ڪلورو فلورو ڪاربن کي ٺيڪ ڪندو. ان رٿا لاءِ ملٽي ليٽرل فنڊ سيڪريٽريٽ 594748 ڊالرن جي ماليت جي فنڊنگ ڪئي آهي ۽ اهو منصوبو 2027ع تائين مڪمل ٿيندو. اجلاس ۾ II GLOF- پراجيڪٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيڪو گلگت بلتستان جي 10 ضلعن ۽ خيبرپختونخوا جي 8 ضلعن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جنهن جي بجيٽ 37 ملين ڊالر گرين ڪلائيميٽ فنڊ مان فراهم ڪئي پئي وڃي. ان منصوبي جو مقصد ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ آهي ۽ ڪميونٽي جا 696000 هزار ماڻهو هن منصوبي مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، گرين هائوس گئسن جي نيڪال کي گهٽ ڪري موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ وزارت ملڪ ۾ هڪ نئون پراجيڪٽ ”پروموشن اينڊ ايپليڪيشن آف سسٽين ايبل بايو ماس انرجي ٽيڪنالاجيز “ به شروع ڪري رهي آهي جيڪو 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو. اجلاس ۾ ماحولياتي خطرن خلاف گلوبل شيلڊ ”پراجيڪٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن جو مقصد آفتن خلاف اڳ کان ترتيب ڏنل شين کي ڪافي حد تائين وڌيڪ ۽ بهتر انداز ۽ سهولتون فراهم ڪري ضرورتمند ماڻهن جي تحفظ کي وڌائڻ آهي. يو اين ڊي پي کي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ حڪومت ملڪ کي موسمياتي لحاظ کان لچڪدار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ