اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري شعبي جي ترقي لاءِ ??رابري جي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عا??مي منڊين جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ عا??مي رجحانن موجب حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن اي او جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جي ڪري پاڪستان جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي عا??مي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن 28 درجا مستحڪم ٿي.