اسلام آباد – 11 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ف??ري ادائيگي جي نظام ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي منصوبي ”راست“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب افتتاحي تقريب ٿي. تقريب ۾ اهم شخصيتن بشمول وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز، ڪارانداز جو سي اي او، بئنڪن ۽ ٽيلڪوز جا سي اي اوز ۽ ڪيترن ئي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جا نمائندا موجود هئا. تقريب جي ميزباني بئنڪ دولت پاڪستان ڪئي. ”راست“ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ اهم قدم ??هي جنهن تحت هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز پاڪستان جي حصيداري سان پاڪستان ??و ف??ري ادائيگي جو پهريون نظام تيار ڪيو آهي.