اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري سرٽيفڪيٽ جي آسان ۽ فوري دستيابي لاءِ ملڪ ۾ ون ونڊو آپريشنز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز خ??وصي ماڻهن جي آساني لاءِ اسلام آباد ۾ طبي ماهرن ۽ نادرا جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ادارا جاتي نظام قائم ڪن . اهڙن خيالن جو اظهار هن خص??صي ماڻهن جي رجسٽريشن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.