اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدار?? ۾ ??جلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪي??، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪ??ل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.