راولپنڊي – 17 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪنهن ٻاهرئين ط??قت يا ملڪ جي چوڻ تي نه پر سڄي ملڪ ۾ فساد ۽ فتني جي ڪري پاڪستان ??ڪومت پاڻ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، و??اق سان گڏ سمورين صوبائي حڪومتن، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رياست جي رٽ کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي، راڻا ثناءُ الله الطاف حسين ۽ انتهاپسند پارٽي جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، آفيسرن ۽ ادارن جي خلاف اهڙي زبان ??ستعمال ڪرڻ تي راڻا ثناءُ الله جي خلاف دهشتگردي ۽ ٻين شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران ??ان ??ه ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان ??ي نظام ۾ ايترو وقت لڳي وڃي ٿو جو انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي، هاڻي سياست، چونڊ مهم آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ئي ڪري سگهبي. هو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال راولپنڊي ۾ ڪالعدم پارٽي ٽي ايل پي احتجاج دوران ??خمي ٿيندڙ پوليس جوانن جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.