اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام ??لا??ي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي ??وق??ي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو ??لا??ي رياست جي طرف هڪ ب??يادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان ??وق??ي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان ??وق??ي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو من??وب?? تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.