اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص م??اون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن. مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي خاص م??اون چيو ته شفافيت ج?? نالي کان ڀڄندڙ نااهلن جي لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم ڊيڄاريندڙ خواب آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڇانگا مانگا سياست ڪندڙن جي تابوت ۾ آخري ڪِيل آهي. خاص م??اون ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته نااهلن جو سياست ۾ اچڻ ڌوئنس ۽ ڌانڌلي جي ڪري ممڪن ٿيو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ سخت م??نت ڪري رهي آهي ۽ ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن.