اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشمير??ن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جا??ي رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظ?? سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مر??زي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظ?? سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪشمير??ن جي جا??ز حق، خودمخت??ار?? واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشمير??ن جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جا??ي رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.