اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خي??رپختونخوا ۾ زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خي??رپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خي??رپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، خي??رپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خي??رپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي وزير عاطف خان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏورانهن سياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته خي??رپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خي??رپختونخوا م زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي خي??رپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي سياسي صورتحال، ??يندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.