اسلام آباد – 22 – نومبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ل??گي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين ل??ڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون ل??ڊن ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊ??ڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پان??ما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانس??اء?? عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان ل??ڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.