اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي ??رگ??مين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخوا??ه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آي??، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواي?? ۾ ??کيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي ??رگ??مين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي باڙيان واري جڳهه تي وڏي مشينري سان امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لاءِ پ??هن??ي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي مقامي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦاٿل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.