اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪر?? جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمو?? قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو در?? ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمو?? قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن ??ه رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چي??رمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.