اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ ??قت??ادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ??ئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان ??قت??ادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ??قت??ادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس ??قت??ادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ ??قت??ادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير ??قت??ادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ??قت??ادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.