پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات وارو و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ ??وج جي شهيد جوان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد محمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطل??عا?? واري و??اق?? وزير چيو ته بابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آه??. ش??يدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پاڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطل??عا?? واري و??اق?? وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.