اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر سردار سڪندر حيات خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سردار سڪندر حيات خان وزيراعظم ع??ران خان کي سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وزيراعظم ع??ران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتم??د جو اظهار ڪيو.